Mujeeb Otho42 reviewsFollowFollowSeptember 14, 2022صديق عالم جي هن ناول "مرزبوم" ۾ ويهن سالن کان پوءِ ڪردار پنهنجي آبائي شهر ڏانهن واپس ايندو آهي، ڇو ايندو آهي اها کيس به خبر ناهي هوندي... پر پنهنجي زمين پنهنجي دل جي ويجهن ماڻهن ڏانهن ڇڪجي ايندو آهي. هُو وڏي شهر وڃي پنهنجي ڳوٺ کي وساري ويهي رهندو آهي... جڏهن واپس ايندو آهي ته، پهرين محبوبه سان پڻ ملاقت ڪندو آهي، ويهن سالن جي جدائي کي فراموش ڪري، هُوءَ کيس انهيءَ ساڳي جذبي سان ڀليڪار ڪندي آهي. سندس هن ناول ۾ ڪردار دنيا جي ترقيءَ کي پنهنجي اباڻي علائقي / خطي سان ڀيٽيندو آهي ۽ کيس بيحد افسوس ٿيندو آهي ته، هُو گهڻو پوئتي رهجي ويا آهن... هن ناول ۾ شهر / وطن جي کسجي وڃڻ جو درد به آهي، اهو درد قوم جي معاشي استحصال، سياسي ۽ مذهبي فڪرن جو پائمال ٿي وڃڻ آهي! ناول پڙهندي محسوس ٿيو ٿه، ڪردار پنهنجي ديس ۾ جلاوطنيءَ جو نظر نه ايندڙ درد ڪيئن سهندو رهي ٿو... ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار گم ٿيل منظرن کي ياد ڪري ٿو ۽ فطري ماحول جي تباهيءَ تي ويچاريندو رھي ٿو.مجموعي طور تي صديق عالم جو فڪشن سياست، مذهب، غنڊه گردي ۽ فرعونيت جي آسپاس ئي آهي... پر منجهس انهن مڙئي موضوعن جي خامين تي زهر آلود طنز ٿيل آهي.مجيب اوٺونوابشاهه، سنڌ