هي ڪتاب محترم محمد ادريس راجپوت جي روزنامه ڪاوش، سنڌي اخبار ۾ لکيل ڪالمن جي ڪتابي شڪل آهي. محترم سنڌ جي پاڻي جي مسئلن تي هڪ سٺو ماهر تصور ڪيو ويندو آهي. پاڻ هڪ ريٽائرد پاڻي جو انجنيئر رهي چڪو آهي تنهن لاءِ سنڌ جي پاڻي جي مسئلن ۽ سنڌ جي پاڻي بابت وفاق جي سامهون هڪ مظبوط وڪيل طور تحط اخبار جي وسيلي عام سنڌي ماڻهوءَ کي ٽيڪنڪل نقطن کان واقف ڪندو رهيو آهي. ڪالاباغ ڊيم هڪ متناضع مسئلو رهيو آهي پر جيئن ته هي هڪ فني مسئلو آهي انهن لاءِ انهن تي ڳالهائڻ لاءِ هڪ عام ماڻهو کي سمجهڻ ۾ هي ڪتاب ڪافي ڪارآمد ثابت ٿي سڳهي ٿو