”روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ انقلابيت معنى ماڻهن جي ڏکن جي دنيا بدلائي سکن جي دنيا بنائڻ آهي.“ محترم رسول بخش پليجو صاحب پنهنجي مٿئين چيل قول تي سڄي زندگي ۽ ساهه جي آخري پساهه تائين عمل ڪري جدوجهد ڪندو رهيو. هن غريبن، مسڪينن، پورهيتن، هارين، مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن لاءِ جيڪو زوردار آواز اٿاريو هو، ان کي ڪڏهن به ماٺو نه ڪيو. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ڪتابن، ليڪچرن ۽ ڪيل تقريرن مان پليجي صاحب جا قول چونڊ ڪري هن کان اڳ ڪتاب ”پليجي جا قول“ جي نالي سان 1992ع ۾ ڇپايو ويو هو، جيڪو هن وقت مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي ويو آهي. هڪ دفعو وري ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي ته پليجي صاحب جي قولن کي وڌائي، نئين سر ترتيب ڏئي، نئون ڇاپو آندو وڃي. ان خيال کان هن وقت ڪتاب ۾ واڌارو ڪري پليجي صاحب جي قولن تي ٻڌل نئون ڪتاب ”فڪرِ پليجو“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪجي ٿو. اميد ته پڙهندڙن کي هيءَ ڪوشش پسند ايندي.