Jump to ratings and reviews
Rate this book

Aandaoon Ameeq Maan…

Rate this book
قومن تي هڪڙو دور خاموشي، مايوسي ۽ بي حسيءَ جو به ايندو آهي- هر فرد الڳ الڳ زهر جو پيالو پي سمهي پوندو آهي- چسڪي چسڪي زهر جو ڦڙو ڦڙو پي جيئڻ وارو عمل به اچي ڄڻ پڄاڻيءَ تي پهچندو آهي- شهر پنهنجي اندر ۾ ڄڻ قبرستان بڻجي ويندا آهن ۽ اها آڪسيجن ڇڪيندڙ لاش، مايوسي ڀيانڪ حقيقت جيان اگهاڙي ٿي وچ چونڪ تي اچي بيهندي آهي ۽ اميد ڪنهن هڪ سوال جو روپ ڌاري سگهندي آهي.
اهڙين حالتن ۾ ادب ان سوال جو جواب ڳولڻ وارو ڪم ڪندو آهي ۽ جواب ڳولڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ نئون سفر آهي نئين صبح ڏانهن- بلڪل ايئن جيئن آپگهات ڪري مرندڙ شخص کي جيارڻ جي آخري ڪوشش پوريءَ سگهه سان ڪبي آهي- تاريخ ۾ جيڪڏهن خودڪشي ڪري مرندڙ يا قتل ٿيل قومن ٻيهر جيئڻ جو ساهس ماڻيو آهي ته ان جي پويان انهن جي ادب جو وڏو حصو رهيو آهي.
(اها ڳالهه ان بحث کان سواءِ آهي ته خود ادب جو هڪ قطعي ٻيو ڪردار ۽ استعمال جي نوعيت رهي آهي جيڪا پڪ ته Negative آهي.) ساڳئي وقت مٿين حالتن ۾ ادب سرجندڙ اديب جو ڪردار به بنهه حساس ۽ ان شخص جهڙو رهيو آهي جيڪو ڍال آڏي ڍاري، ڀالا کڻي ڀاڪرئين وڙهي ٿو- ڪهڙا ڀاوَ هن کي سک چين تياڳي پنهنجو پاڻ اڀن ڪاون تي گهلڻ تي مجبور ڪن ٿا- ان سوال جو جواب تاريخ ۽ سماج جي پس منظر ۾ ڪيترو به پهاڙ جيڏو لڀندو هجي پر بنهه نازڪ ۽ احساساتي جواب اهو به آهي- اهو ڏات ڌڻي ان سچائيءَ جي هٿن ۾ بي وس ٿيو پوي جيڪا پنهنجي اظهار لاءِ کيس چونڊي ٿي- هر دور جي، هر سچ کي پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن شخص جي گهرج هوندي آهي- شخص جنهن جي رڳ رڳ ۾ دل ڌڙڪندي هجي- سچ ان شخص کي ڳولي لهي ٿو ۽ ان کان پوءِ شخص ان سچ جي پويان سک چين تياڳي ان اننت ويڙهه ۾ وڙهندو لڀندو، جيڪا تاريخ جي ڦهلاءَ ۾ اڃا پڄاڻيءَ کي ناهي پهتي.
انهيءَ پس منظر ۾ مون شاعريءَ جا هي ترجما پڙهيا آهن- سوال جيڪو ترجما پڙهندي هر هر منهنجي ذهن ۾ اڀري ٿو ته اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جيڪي هڪ حساس اديب کي سياست جي اسٽيج تي آڻي بيهارين ٿا ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جيڪي سياست جي اسٽيج تي بيٺل شخص کي هر هر ادب سان ڳنڍي رکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.
اهي اسان جا سماجي، سياسي ۽ ادبي تضاد آهن ۽ ڪوبه جينيئس شخص انهن تضادن جي وچ ۾ ڊوڙي ٿو، وڙهي ٿو ۽ اڌ پنڌ ۾ مارجي ٿو وڃي. اڪثر اڌ پنڌ ۾ مارجي وڃڻ ايڏو ڇرڪائيندڙ ڪونهي، نه ئي ايذائيندڙ آهي جيڏو جينيئس شخص جو اهو احساس ته قوم کي اڃا هو بي حسيءَ ۽ مايوسيءَ جي موت جهڙي ننڊ مان جاڳائي نه سگهيو آهي يا قوم اک کولڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
اهي ڏاڍيون پيڙا ڏيندڙ حالتون آهن- بنهه گهڻو ٿڪائيندڙ- تڏهن سنڌ جي مٽيءَ منجهه ڪجهه اهڙي سگهه سمايل آهي جو سنڌ جو جينيئس ايترو جلد ٿڪجي نٿو- اڌ پنڌ ۾ آڻ مڃي نٿو- پوريءَ سگهه سان سچ جو اظهار ڪري ٿو- جيترو ان جي سگهه کي ٽوڙڻ جا جتن ڪيا ٿا وڃن اوتري شدت سان هو نوان نوان رستا ڳولي ٿو- نيون راهون سرجي ٿو- پراڻن بند رستن تان ڪنڊا ۽ ڪاوا ميڙي ٿو- سختيءَ سان ٻيڪڙيل در ۽ دريون کولڻ لاءِ ۽ ٻاهرين تازي هوا کي اندر آڻڻ لاءِ ۽ نئين سگهه سان، نئون ساهه کڻڻ لاءِ ۽ ”اڃا اسين زندهه آهيون“ جو اعلان ڪرڻ لاءِ!
پليجي صاحب کي مون انهيءَ پس منظر ۾ پڙهيو، ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. آئون جڏهن ترجمن کان پهرين پليجي صاحب جي شاعري پڙهان ٿي ته سچ پچ مون کي حيرت ٿئي ٿي- شاعريءَ تي نه، اظهار جو وسيلو چونڊڻ تي- سگهه تي نه، سگهه جي جمالياتي اظهار تي- احتجاج تي نه، احتجاج جي نفاست تي. اها نواڻ ۽ سونهن سنڌ جو جينيئس لطيف کان ٿيندو اچي تڏهن به نئون ۽ ڇرڪائيندڙ آهي.
گورنمينٽ ڪاليج لاهور جي اسٽيج تان جڏهن مزاحمتي سنڌي ادب تي ليڪچر ڏئي لٿو هو، تڏهن هال مان هڪڙي اسٽوڊنٽ اٿي بيهي مون کان پڇيو هو ته، ”مزاحمتي ادب ڏانهن سنڌي اديبن جي لاڙي ڪري، انهن مان جمالياتي حس ختم ڪانه ٿي ويندي؟“
چيومانس، ”ڇوڪري! تون جيڪڏهن سنڌي شاعري پڙهي سگهين ته تو تي اهو حيرت انگيز انڪشاف ٿيندو ته اسان جي مزاحمت ۾ به جماليات آهي.“
ساڳيو احساس مون کي پليجي صاحب جو نظم ”اوهان جي پڄاڻان“
پڙهندي به ٿئي ٿو- ان کان هڪدم پوءِ جڏهن آئون ”چلڪڻا لانگ بوٽ“
پڙهان ٿي ته اهو احساس نه رڳو حيرت مان پر وڏي سگهه سان ماڻيان ٿي ته سچ هر سطح تي ڳالهائي سگهجي ٿو-
هي اُهي ڪاريگر زبانون آهن،
جيڪي ڪالهه
تو مون سان گڏ،
جلسن ۽ جلوسن ۾،
ٿاڻن ۽ بند وارڊن ۾،
قوم ۽ ڌرتي، دين ۽ مذهب،
جمهوريت ۽ سوشلزم جا،
اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي
اقتدار جي ايوانن کي ڏڪائينديون هيون
۽ جيڪي سڀاڻي وري به اهي ئي نعرا هڻي
پاڻ ۾ گهربل تاثر پيدا ڪري،
پرينهن وري اچي،
رات پيٽ ۾ يا ڏينهن ڏٺي جو،
هنن کي چٽي ههڙو صاف ۽ چلڪڻو رکڻ
جي ڪاريگريءَ جي ڪرت ۾ جُنبي وينديون.
انهيءَ نظم جو حوالو ڪنهن حوالي طور مون نه کنيو آهي، ان جي اهميت نه رڳو خيال جي اظهار ڪارڻ ۽ فني لحاظ کان آهي پر اهميت ان شخصي ڪميٽمنٽ جي ڪري وڌي وڃي ٿي جيڪا شاعر جي هڪ ليڊر جي حيثيت سان، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان آهي- اها ڪميٽمنٽ حيران ڪندڙ ان لاءِ آهي ته اسين سکڻن نعرن ۽ تقريرن تي پلجڻ واري قوم وعده وچن ٻڌي ٻڌي نستا ٿي پيل، سچ پنهنجي ڪنهن ليڊر جي واتان ٻڌندي ڄڻ آڪسيجن جي بوند ساهه جي نليءَ ۾ لهندي محسوس ڪندا آهيون.
مون مٿي جن تضادن جي ڳالهه ڪئي آهي جن کي ڪو جينيئس شخص پار ڪري سگهي ٿو- ساڳين تضادن ۾ اها قوم الجهي، اٽڪي بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ ڦاسي پوندي آهي- ان ڪيفيت جي آخري نقطي تي قوم کي سچ پچ ته اٽي، لٽي ۽ اجهي کان وڌيڪ سچائيءَ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا انفرادي طرح قوم جي هر فرد جي زبان کي ڇهي سگهي، ڄڻ فرد پاڻ ڳالهايو آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ لطيف کان هيل تائين وک وک تي ان جا مثال لڀن ٿا پر سنڌي سياست ۾ نه...
ان کان پوءِ هن مجموعي ۾ شامل ترجما آهن- بظاهر ادب ۾ ترجمي جو ڪارڻ ان ٻوليءَ ۾ سوچ ۽ فڪر جو واڌارو ۽ نون لاڙن ڏانهن ان ٻوليءَ جو رخ موڙڻ هوندو آهي، جنهن ۾ ترجمو آندو پيو وڃي.
پر ان جا، ان کان به وڌيڪ گهرا ۽ احساساتي ڪارڻ هوندا آهن- ٻولي جنهن ۾ ترجمو آندو پيو وڃي، ان ۾ ايڏو ڦهلاءُ هجي، جنهن ۾ ٻاهرئين ادب جا لفظ سمائجي سگهن- ان ڌرتيءَ جو سياسي، سماجي ۽ احساساتي...

200 pages, Hardcover

Published January 1, 2016

1 person is currently reading
16 people want to read

About the author

Rasool Bux Palijo

4 books6 followers

Ratings & Reviews

What do you think?
Rate this book

Friends & Following

Create a free account to discover what your friends think of this book!

Community Reviews

5 stars
1 (25%)
4 stars
1 (25%)
3 stars
1 (25%)
2 stars
0 (0%)
1 star
1 (25%)
No one has reviewed this book yet.

Can't find what you're looking for?

Get help and learn more about the design.